روداري مارچ تي تشدد خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج،ڌرڻا،روڊ بلاڪ

روداري مارچ تي تشدد خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج،ڌرڻا،روڊ بلاڪ

ڪراچي (نمائندن وٽان)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. سکر ۾ وڪيلن پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف عرفان احمد سنگهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري نادر ڀٽو، عبدالستار هليو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.نوشهروفيروز ۾ مختلف ڌرين پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف شبانه، زينب، خالد راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.تنگواڻي ۾ جسقم ۽ جساف پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف اعجاز ملڪ، صادق نندواڻي، والي ڏنو سبزوني ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جعفر آباد روڊ کان بس اسٽينڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.وارهه ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف منور نوناري، محمد علي خشڪ، مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڏوڪري ۾ سنڌ شاگرد سڀا پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.ميهڙ ۾ بار ايسوسي ايشن ۽ عوامي لائيرز فورم پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف نجيب الرحمان مهيسر، رياض ڏيرو، داد محمد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.جاتي ۾ نوجوانن پاران ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن تي تشدد خلاف علي وارث شاهه، امن لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ انتهاپسندي خلاف آهي، ڪراچي پوليس رواداري مارچ مٿان ڪڙڪي پئي.هنن چيو ته هو پوليس پاران رواداري مارچ دوران صحافين ۽ عورتن سميت ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪن ٿا.اڳواڻن جو چوڻ هو ته پرامن مظاهري تي تشدد، وحشياڻو ۽ آمراڻو عمل آهي، تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو