ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا، چڪن گونيا ۽ وائرل انفيڪشن جا ڪيس وڌي رهيا آهن.طبي ماهرن موجب جناح ۽ سول اسپتالن ۾ روزانو 50 کان 50 مريض ٿڌ، بخار ۽ جسم جي سورن جا مريض اچي رهيا آهن، شڪي ڪيسن ۾ ڊينگي، مليريا، چڪن گونيا ۽ وائرل انفيڪشن جا مريض شامل آهن.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ چڪن گونيا ٽيسٽنگ ڪٽس موجود نه آهن.سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ چڪن گونيا جا 411 شڪي ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان 153 جي تصديق ٿي چڪي آهي.صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 1724 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ هلندڙ سال سنڌ ۾ ڊينگي سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ ڊينگي جا 1484 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هن سال سنڌ ۾ مليريا جا 222 هزار 239 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان ڪراچي ۾ 1768 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.










