امن دستن تي حملا جنگي جرم ٿي سگهن ٿا، انتونيو گوتريس

امن دستن تي حملا جنگي جرم ٿي سگهن ٿا، انتونيو گوتريس

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته لبنان ۾ امن فوج تي حملا جنگي جرم بڻجي سگهن ٿا.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته يونيسف جي اهلڪارن ۽ هنڌن کي نشانو نه بڻايو وڃي، امن مشنز تي حملا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.انتونيو گوتريس چيو ته هي عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، اهو جنگي ڏوهه ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته اسرائيلي ٽينڪ ڏکڻ لبنان ۾ امن فوج جي بيس ۾ داخل ٿي ويا، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسرائيلي حملي ۽ گڏيل قومن جي مشن جي ڀڃڪڙي جو اهو تازو واقعو آهي.گڏيل قومن جي ترجمان موجب، يونيفيل امن فوج سمورن پوزيشنز تي موجود هوندي، جتي امن فوج جا اهلڪار مقرر هوندا، گڏيل قومن جو جهنڊو به ڦڙڪندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو