اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ 17 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس شاهد بلال شامل آهن.واضح رهي ته وڪيل عابد زبيري تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي.رجسٽرار آفيس ايڊووڪيٽ عابد زبيري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.تجويز ڪيل ترميم موجب صوبائي آئيني عدالتون چيف جسٽس، قانون واري صوبائي وزير ۽ بار ڪائونسل جي نمائندگي تي ٻڌل هونديون.










