ڊاڪٽر شاھنواز جا قاتل فوري گرفتار ڪريو، رياض چانڊيو

ڊاڪٽر شاھنواز جا قاتل فوري گرفتار ڪريو، رياض چانڊيو

عمرڪوٽ: (ن س) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، اياز سولنگي، پنھل جمالي، ابل حسن لطفي، نريش ڪمار ۽ ٻين جھانھرو شريف پھچي مارواء عدالت قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز کي بنا الزام ثابت ٿيڻ جي قتل ڪري لاش ساڙي تذليل ڪرڻ ناقابل معافي چرم آھي جنھن جي اجازت نه اسلام ٿو ڏئي نه ڪو آئين ٿو ڏئي، ھي کليل بربريت آھي.ھن واقعي جي جڏھن پھرين پوليس تحيقيقاتي رپوٽ اچي وئي آھي ته پوليس کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آھي اڄ ھيومن رائٽس ڪميشن جي رپورٽ اچي وئي ته ڊاڪٽر شاھنواز کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آھي. ھن سڄي قتل ۽ شاھنواز جي خون کي لوڙھي حڪمرانن جي چوڻ تي سرڪاري پيرن حاڪمن جي پگھاردار مولوين انصاف جي گھرج رواداري ۽ سنڌ جي تھذيب تي حملو ڪيو آھي. رياست پيپلزپارٽي ۽ ڏوھارين کي بچائيندي سنڌين کي رسول الله جي مقدس ھستي سامھون بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو عمل قابل مزمت آھي سنڌي محمد صـه سان محبت ڪن ٿا. اسين جھالت جو انڪار ڪريون ٿا افغانين ۽ برمين سميت ڌارين کي ملن جي ذريعي سھولتون فراھم ڪيون ويون آھن، سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي ان ڪري انتھاپسندي کي ھٿي ملي آھي ڊاڪٽر شاھنواز کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڪي به اصل ملزم گرفتار نه ٿيا اٽلندو ضمانت جي لاءِ آيل نام نھاد پيرن ميرپورخاص ڪورٽ جو گھيرو ڪري ڪڙو چاڙھيو پر کين شيلٽر مھيا ڪيو ويو. آخر ڪھڙا سبب آھن جو ھن قتل ڪيس ۾ گھربل ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻيا جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن ان ڪري ته ملائيت جو خوف آھي. اسين پڇون ٿا ته ھي ملائيت ڪنھن جي اشاري تي روڊن تي نڪري آئي آھي سنڌ جي پاڻي زمينن ڌاري آبادڪاري سميت اھم قومي معاملن تي ھلندڙ جھدوجھد جو رخ موڙڻ لاءِ امرڪوٽ واقعو ڪرايو ويو ان کان پوءِ ھٿ سان سنڌ جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. اسين ھڪ دفعو وري واضع گھر ڪريون ٿا ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو