شاگرد تحريڪ ۾ جيڪي شهيد ۽ زخمي ٿيا، سڀن کي سلام ،شڪيب

شاگرد تحريڪ ۾ جيڪي شهيد ۽ زخمي ٿيا، سڀن کي سلام ،شڪيب

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن جولاءِ ۾ شاگردن جي احتجاج دوران خاموشي اختيار ڪرڻ تي مهينن بعد معافي ورتي.شڪيب الحسن عوامي ليگ جي دور ۾ پارليامينٽ جو ميمبر هو ۽ جولاءِ ۾ ٿيندڙ احتجاج دوران خاموش رهيو.شڪيب الحسن احتجاج دوران ڪينيڊا ۾ ليگ کيڏي رهيو هو، جنهن کانپوءِ هو آمريڪا هليو ويو، جنهن کانپوءِ اڳوڻو ڪپتان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سيريز لاءِ شامل ٿي ويو.جڏهن ته هاڻي اڳوڻي ڪپتان سوشل ميڊيا پيغام ۾ شاگردن جي احتجاج دوران اختيار ڪيل خاموشي تي معافي گهري ۽ پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ هوم گرائونڊ تي سهڪار جي اپيل ڪئي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شڪيب الحسن لکيو ته شاگرد تحريڪ دوران جيڪي شهيد ۽ زخمي ٿيا اهي منهنجي لاءِ قابل احترام آهن، مان توهان هجان ها، مان آخري ميچ کيڏي رهيو آهيان جتي الوداع چوڻ چاهيان ٿو مان توهان سڀني کي الوداع جي موقعي تي پنهنجن مداحن سان هٿ ملائڻ چاهيان ٿو.ياد رهي ته شڪيب الحسن گذريل مهيني ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو پر شڪيب ڏکڻ آفريڪا خلاف آخري ٽيسٽ پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ 21 آڪٽوبر کان ڍاڪا ۾ شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو