آپريشنل مسئلا: ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جون 7 اڏامون منسوخ

آپريشنل مسئلا: ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جون 7 اڏامون منسوخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آپريشنل مسئلن سبب ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جون 7 اڏامون منسوخ ڪيون ويون. فلائيٽ شيڊول موجب پي آءِ اي جي ڪراچي کان لاهور، پي آءِ اي جي ڪراچي کان دبئي جي فلائيٽ، اسلام آباد کان ڪراچي لاءِ 2 پرائيويٽ ايئر فلائيٽ جڏهن ته اسلام آباد کان چترال جون فلائيٽون منسوخ ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف استنبول کان ڪراچي 4 اڏامون 1 کان 1.5 ڪلاڪ، جده کان ڪراچي 2 ڪلاڪ، ڪراچي کان ٽورانٽو 2 ڪلاڪ، جده کان سيالڪوٽ 4 کان 5.5 ڪلاڪ، جده کان اسلام آباد 1.5 ڪلاڪ ۽ اسلام آباد کان جده مديني استنبول ۾ 1 ڪلاڪ لڳن ٿيون گلگت ۾ اڏامون هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ دير جو شڪار آهن.فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي کان لاهور جي اڏام 6 ڪلاڪ دير سان رات 8 وڳي رواني ٿيندي جڏهن ته لاهور کان دبئي جي اڏام 8 ڪلاڪ دير سان 1 لڳي 15 منٽن تي رواني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو