اڄ ۽ سڀاڻي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان

اڄ ۽ سڀاڻي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ ۽ سڀاڻي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، پنجگور، آواران، زوب، لسبيلا ۽ بارکھان ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي اڱاري تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ڇنڇر جي ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.پنجاب خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به هلڪي برسات پئي حافظ آباد ۾ برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿڌڪار، وڻ ۽ بجلي جا پول ڪري پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو