غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ۾ هڪ مسجد ۽ هڪ اسڪول تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 24 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب مرڪزي غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ 93 فلسطيني زخمي پڻ ٿيا آهن.ان حوالي سان اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته مسجد ۽ اسڪول کي حماس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طور استعمال ڪيو پيو وڃي.عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اتر غزا مان نڪرڻ جا نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڪالهه کان غزه ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي.ٻئي طرف اسرائيل لبنان جي راڄڌاني بيروت تي هڪ ٻيو وڏو حملو ڪري ڇڏيو آهي.شروعاتي طور تي اهو واضح نه ٿي سگهيو هو ته اسرائيلي بمباري ۾ ڪيترا ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن پر حملي سان ڪيتريون عمارتون تباهه ٿي ويون.اسرائيلي هوائي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن حزب الله جي هٿيارن جي ذخيرن کي به نشانو بڻايو آهي ۽ لبنان جي المنار ٽي وي جي آفيس کي به تباهه ڪيو آهي.










