سنڌ ۾ مليريا جا 212807 ، ڊينگي جا 1641 ڪيس رپورٽ

سنڌ ۾ مليريا جا 212807 ، ڊينگي جا 1641 ڪيس رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)هلندڙ سال سنڌ صوبي ۾ مليريا جا 2 لک 12 هزار 807 ۽ ڊينگي جا 1641 ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ مليريا جا 1 هزار 691 ۽ ڊينگي جا 1 هزار 422 ڪيس سامهون آيا آهن.ڪراچي ۾ مليريا جا 914 ڪيس ملير ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ڪورنگي ضلعي ۾ 270، ڏکڻ ضلعي ۾ 226، اولهه ضلعي ۾ 139، اوڀر ضلعي ۾ 74 ۽ سينٽرل ضلعي مان 68 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني ڊينگي جا 39 ڪيس سامهون آيا آهن، 3 آڪٽوبر تي ڊينگي جا 12 ڪيس سامهون آيا، جن ۾ اوڀر ضلعي مان 4، ڏکڻ ۽ سينٽرل ضلعي مان 3، ڪورنگي مان 3 ۽ 2 ڪيس سامهون آيا.هن سال جنوري کان آڪٽوبر تائين ڪيمسٽري ضلعي مان مليريا جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو.صوبائي صحت کاتي موجب حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 1 لک 2 هزار 629 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته سکر ڊويزن ۾ 15 هزار 708 ڪيس رپورٽ ٿيا.لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مليريا جا 47 هزار 224، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 29 هزار 227 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 16 هزار 328 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ان کان علاوه صوبائي صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن سال سنڌ ۾ ڊينگي سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو