علي امين گنڊاپور جي راهداري ضمانت منظور

علي امين گنڊاپور جي راهداري ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي 2 ڪيسن ۾ 25 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل عالم خان ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور عبوري ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل آهن، درخواستگذار لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر گرفتاري جو خدشو آهي.عدالت علي امين گنڊاپور جي 25 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي درخواستگذار کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو