گرين بس جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو

گرين بس جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت ڊسمبر 2024ع ۾ گرين لائين بس سروس سنڌ حڪومت جي حوالي ڪندي.سنڌ حڪومت گرين لائين بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گرين لائين بس سروس جي آپريشن جو جائزو ورتو ويو.بيان موجب اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ايم ڊي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي شرڪت ڪئي، جنهن ۾ گرين لائين کي نج لائين سان ڳنڍڻ جي منصوبي تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ جاري آپريشنز، يوٽيلٽي سروسز ۽ گرين لائن بس سبسڊي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گرين لائين منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جو اهم حصو آهي، چاهيون ٿا ته گرين ۽ اورينج لائين کي ڳنڍڻ جو ڪم ڊسمبر 2024ع کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.هن چيو ته وفاقي حڪومت گرين لائين آپريشن تي 2 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جنهن جو سنڌ حڪومت جائزو وٺندي، گرين لائين منصوبي جي سنڌ منتقلي کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪيون وينديون.شرجيل ميمڻ اهو به چيو ته سنڌ حڪومت جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن تي عوام راحت جو ساهه کنيو آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪراچي جو هڪ ڊگهو مسئلو آهي، ٽرانسپورٽ نظام ۾ وڌيڪ بهتري چاهيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو