بيروت (ويب ڊيسڪ)اسرائيل جي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪيٽز چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن اسرائيل تي ايران جي ميزائل حملي جي واضح مذمت نه ڪئي آهي.العربيه نيوز موجب هڪ بيان ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪيٽز چيو آهي ته ايران جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب انتونيو گوتريس اسرائيل ۾ هڪ غير مقبول شخص بڻجي ويو آهي.اسرائيل ڪيٽز چيو ته جيڪو به ايران جي اسرائيل تي وحشياڻي حملي جي غير واضح طور تي مذمت نٿو ڪري سگهي، جيئن دنيا جي تقريبن سمورن ملڪن ڪيو آهي، اهو اسرائيلي سرزمين تي پير رکڻ جو حقدار ناهي.هن چيو ته اسرائيل پنهنجي شهرين جو دفاع ڪندو ۽ انتونيو گوتريس سان گڏ يا بغير قومي وقار کي برقرار رکندو.










