ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويا آهن.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مستحڪم ٿي رهيا آهن، بينڪنگ ۾ جدت آڻي معيشت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽرينچ سبب پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌيا آهن.واضح رهي ته گذريل هفتي پاڪستان کي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کان 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي پهرين قسط ملي هئي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام جي پهرين قسط جي وصولي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب، پهرين قسط 760 ملين ايس ڊي آر تي مشتمل آهي، جنهن جي ماليت 1.26 بلين آمريڪي ڊالر آهي.










