لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت ۾ جسٽس شهرام سرور چوڌري جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ضمانت منظور ڪئي.ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس ۾ محمد خان ڀٽي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي.عدالت محمد خان ڀٽي جي هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.










