تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته ايران جو ايندڙ حملو وڌيڪ ڏکوئيندڙ ثابت ٿيندو.اسرائيل تي حملي کانپوءِ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسرائيل کي وارننگ جاري ڪئي.آيت الله خامنه اي اها پوسٽ سوشل ميڊيا تي عبراني زبان ۾ ڪئي ۽ اها پوسٽ ايران طرفان اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي ڪجهه لمحن بعد ڪئي وئي.ان کان اڳ، سپريم ليڊر جي سرڪاري اڪائونٽ تي مصنوعي ذهانت جي مدد سان ميزائل جي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي وئي ۽ ان ۾ لکيل آهي ‘نصر من الله و فتح غريب’.ان ٽوئيٽ کي منٽن اندر سوين ڀيرا ريٽويٽ ڪيو ويو. پنهنجي بيان ۾ آيت الله خامنه اي فرمايو ته الله جي مدد سان صهيوني رياست جو مقابلو ڪندڙ مزاحمتي محاذ وڌيڪ سخت ۽ دردناڪ هوندو.










