مراد علي شاهه نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس مان بري

مراد علي شاهه نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس مان بري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي بري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين خلاف نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي جوابدارن جو وڪيل بئريسٽر قاسم نواز عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو.احتساب عدالت نيب چيئرمين جي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت نوري آباد پاور پراجيڪٽ ريفرنس ۾ نامزد ٻين سمورن جوابدارن کي به بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو