غوثپور ويجهو اغوا ٿيل 2 نوجوانن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

غوثپور ويجهو اغوا ٿيل 2 نوجوانن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

غوثپور (ن س )غوثپور ويجهو 6 ڏينهن اڳ تنگواڻي لنڪ روڊ تان اغوا ٿيل ڊيرا بگٽي واسي 2 نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج ڪيو، مظاهرين لڪڙا هوٽل ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل رهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪشمور پوليس 6 ڏينهن گذرڻ باوجود مغوي نوجوانن اسدالله بگٽي ۽ منظور بگٽي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي مظاهرين جو چوڻ هو ته اغوا ڪارن جي ٽولي پاران مغوين جي بازيابي لاءِ 10 ڪروڙ روپيا ڀنگ گهريو ويو آهي، مغوي بازياب ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو