قمبر ۾ مقابلو، فائرنگ، هڪ ڦورو گرفتار، ٻيو فرار

قمبر ۾ مقابلو، فائرنگ، هڪ ڦورو گرفتار، ٻيو فرار

قمبر: (ن س) قمبر لڳ ڳوٺ ٻائي دڙو ڀرسان پوليس ۽ هٿيار بند ڦورون وچ ۾ مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ٻه ڦورو پوليس کان فرار ٿي ويا.راهوجا بائي پاس تي پوليس موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڄڻن کي بيهارڻ جو اشارو ڪيو ته بيهارڻ بدران هوائي فائر ڪندا فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس به انهن جي پويان لڳي پئي ڪافي وقت تائين پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو هلندو رهيو وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي ڳوٺ ٻائي دڙو ڀرسان هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿي ويا.زخمي ڦورو کي بروقت علاج لاءِ قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو جتان کين وڌيڪ علاج لاءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذوالفقار علي اوڍاڻو جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيل جوابدار جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي جوابدار جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ڦر جي ارادي سان بيٺل هيا ته مقابلو ٿي پيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو