توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي ضمانت واري درخواست رد

توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي ضمانت واري درخواست رد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)توشه خانه 2 ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اڊيالا جيل ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند عمران خان ۽ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي پنهنجي ٽيم سان گڏ پيش ٿيا جڏهن ته عمران خان ۽ بشرا بي بي جي نمائندگي بئريسٽر سلمان صفدر ڪئي.پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته عمران خان سعودي عرب مان 7 ڪروڙ جو قيمتي سيٽ 29 لکن ۾ حاصل ڪيو.پراسيڪيوشن جي وڪيل چيو ته نيب بلغاريا سيٽ جي اصل قيمت پرڏيهي آفيس ذريعي حاصل ڪئي آهي.هن سيٽ ۾ هار، ڪنن جون ٻڪريون، ڪنگڻ ۽ انگوزي شامل آهن.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان قيمتي سيٽ جي مارڪيٽ قيمت 58 لک رپيا مقرر ڪئي.عمران خان رياست کي ڏنل تحفو توشه خاني ۾ جمع ڪرائڻ کانسواءِ رکي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي باني پنهنجي آفيس سيڪريٽري انعام شاهه ذريعي بلغاري سيٽ جي قيمت مقرر ڪئي.انعام شاهه ۽ توشاڪا جي اپريزر ان عمل جي تصديق ڪئي آهي.پراسيڪيوشن دليل ڏيندي چيو ته عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف ڪيس ثابت ٿي چڪو آهي، ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي.وڪيل صفدر سلمان صفدر موقف اختيار ڪيو ته توشاخانا 2 ڪيس به پهرين ريفرنس سان ملندڙ جلندڙ آهي، پهرين ۽ هي ريفرنس ۾ به اهي ئي الزام آهن، ٻنهي ڪيسن جا جوابدار به ساڳيا آهن.پنهنجي دليلن کي جاري رکندي سلمان صفدر چيو ته سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم ۽ بحالي واري فيصلي کانپوءِ پهريون ڪيس نيب کان اسپيشل جج سينٽرل منتقل ڪيو ويو پر عمران خان ۽ بشرا بي بي جي ضمانت نه ٿي.وڪيل صفائي چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت ٻنهي ڌرين جا تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جنهن بعد عدالت عمران خان ۽ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو