سنڌ حڪومت ڪراچي جي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏئي پئي

سنڌ حڪومت ڪراچي جي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏئي پئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي،عوام جي سهولت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون،برسات کانپوءِ شهر جي روڊن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو سنڌ حڪومت روڊن جي مرمت لاءِ ايم سي کي 1.5 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن ڪراچي جي مختلف منصوبن تي 200 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن،وڏن ٽرانسپورٽ منصوبن تي ڪم تيزيء سان جاري آهي،ريڊ لائن ۽ يلو لائين بي آر ٽي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ ٽرانسپورٽ جا مسئلا واضح ٿيندا،اسان هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي حڪومت ذريعي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ چيني اختيارين سان ڳالهيون شروع ڪيون آهن،انشاءَ الله پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي سرڪلر جو منصوبو تمام جلد شهرين کي ڏيندو،ملير ايڪسپريس جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري ايندي ۽ گاڏين جو مسئلو به حل ٿي ويندو،سنڌ حڪومت ڪراچي پورٽ کان ڄام صادق پل تائين ٻيو ايڪسپريس وي جو منصوبو جوڙي رهي آهي، جڏهن ٽرانسپورٽ، روڊ سيڪٽر، سيف سٽي ۽ ڪي فور جهڙا منصوبا مڪمل ٿيندا ته ڪراچي عظيم شهر بڻجي ويندو،پيپلزپارٽي جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي،پ پ جي سنڌ حڪومت اهڙا منصوبا مڪمل ڪيا آهن جن مان صوبي ۽ سڄي ملڪ کي فائدو پهتو آهي،ٿر ڪول مائننگ، ڪول ۽ ونڊ پاور پراجيڪٽ، درياهه تي پلن جي اڏاوت قومي منصوبا آهن جيڪي سنڌ حڪومت مڪمل ڪيا آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو