ورهاڱي ۽ عدم برداشت سماج جي بنياد کي کوکلو ڪري ڇڏيو

ورهاڱي ۽ عدم برداشت سماج جي بنياد کي کوکلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اهڙي دور ۾ جتي ورهاڱي ۽ عدم برداشت سماج جي بنياد کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ته اسان کي پنهنجي ثقافتي روايتن ڏانهن رخ ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان کي رواداري، احترام ۽ اختلاف کي خوشي خوشي قبول ڪرڻ سيکارينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران منعقد ڪيل ورلڊ ڪلچرل فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته ثقافت زندگي گذارڻ جو طريقو آهي جيڪو نسل در نسل منتقل ٿيندو آهي. ثقافت مجموعي طور سماج جي زندگيءَ جو طريقو آهي جنهن ۾ موسيقي، شاعري، ريتون رسمون، لباس، ٻولي، عقيدا، روايتون ۽ هنر شامل آهن. موسيقي بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته موسيقي ڪنهن به ثقافت جي دل سمجهيو ويندو آهي. موسيقي سڄي ڪائنات جي ٻولي آهي جيڪا سرحدون پار ڪري سڌو روح تائين پهچي ٿي. موسيقي اها قوت رهي آهي جيڪا سڄي تاريخ ۾ انسانن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. موسيقي اهي جذبات سڃاڻڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿي جيڪي لفظن جي ذريعي بيان نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي سُرن کان وٺي ڪلاسيڪل راڳن تائين موسيقي هميشه دل ۽ دماغ کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته شاعري جذبن جي نفيس اظهار جو نالو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه رڳو هڪ شاعر هو پر حڪمت جو خزانو پڻ هو، سندس شاعري نسل در نسل روشني پکيڙي رهي آهي. ان کان سواءِ فيض احمد فيض ۽ سندس ٻيا همعصر محبت، انصاف ۽ رواداري جي ابدي انساني جذبن جي ڳالهه ڪن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته تحريرون اسان جي اجتماعي تخيل ۽ گڏيل يادن کي محفوظ ڪن ٿيون. ادب ۾ اسان کي پنهنجون ڪهاڻيون، جدوجهد ۽ فتحون ملن ٿيون جيڪي اسان جي سڃاڻپ ۽ ثقافتي روايتن کي ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. رواداري بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته رواداري ۽ اجتماعيت پرامن سماج جا بنياد آهن. فن ۽ ثقافت جي خوبصورتي اسان کي گڏجي رهڻ، رواداري ۽ اتحاد جو درس ڏئي ٿي. سنڌ هميشه مختلف عقيدن، روايتن ۽ ثقافتن جي ڌرتي رهي آهي. اسان وٽ سڀني پس منظرن جي ماڻهن جي تاريخ آهي جيڪي ڀائيچاري سان گڏ رهندا آهن. مراد علي شاهه پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي گڏجي رهڻ، رواداري ۽ اتحاد جي روايتن کي اڳي کان وڌيڪ مضبوطيءَ سان قائم رکن. هن چيو ته هڪ اهڙو دور آهي جتي منافقت ۽ عدم برداشت اسان جي سماجي بنيادن کي خطرو بڻي رهيا آهن. اسان کي پنهنجي ثقافتي روايتن کي مضبوطيءَ سان قائم رکڻ گهرجي جيڪي اسان کي برداشت ڪرڻ، احترام ڪرڻ ۽ اختلافن کي قبول ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪن. جيئن اسان کي موسيقي، شاعري ۽ ادب جي مختلف صنفن سان پيار آهي تيئن اسان کي انساني قدرن، عقيدن ۽ نظرين کي پڻ برداشت ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته ثقافت تبديليءَ لاءِ هڪ موثر هٿيار آهي. دنيا ثقافت کي نه رڳو تفريح طور ڏسندي آهي پر ان سان گڏوگڏ فاصلن ۽ فرقن کي ختم ڪرڻ جو ذريعو به آهي. موسيقي، فن ۽ ادب ذريعي اسان رابطي ۽ گفتگو کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. اسان توهين ۽ غلط فڪر کي چئلينج ڪري سگهون ٿا ۽ پاڻ کي قائل ڪري سگهون ٿا ته اسان ڪيترا مختلف آهيون. مراد علي شاهه چيو ته ثقافت سماجي تبديلي جو وڏو هٿيار آهي، اهو اسٽيٽس-ڪو کي چيلينج ڪري ٿو ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاري ٿو. مزاحمتي گيتن جا غزل هجن يا انقلابي شاعريءَ جي ثقافت هميشه سماج ۾ تبديليءَ جو بنياد رکيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيئن اڄ اسان هتي پرفارمنس ۽ تخليقن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون، اهڙي موقعي تي اچو! اهو به عهد ڪيو ته اسان رواداري، اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏينداسين. اسان جيڪي گيت ڳايون ٿا، جيڪي نظم ۽ قصا ٻڌايون ٿا، اهي نه رڳو ماضيءَ جا قصا آهن پر مستقبل لاءِ پڻ رهنمائي ڪن ٿا. اچو ته هڪ اهڙي سماج جو بنياد رکون جتي فن ترقي ڪري، هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ ذات پات جي بنا ڪنهن فرق جي سڀني کي اهميت ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو