پيرڳوٺ (ن س )پيرڳوٺ جي عدالت ۾ هٿياربند پوليس تي حملو ڪري خطرناڪ قيديءَ کي ڀڄائي ويا، هٿياربندن حملي دوران 2 اهلڪارن کي زخمي ڪري پوليس جي ٽيم کي يرغمال بڻائي ورتو جوابدار خطرناڪ قيدي محب علي ناريجو جي هٿڪڙي ڀڃي کيس فرار ڪرائي ويا، جوابدارن حملي دوران هٿيارن جا بٽ هڻي 2 اهلڪارن محمد علي ملاح ۽ غلام حسين جويو کي زخمي ڪيو خطرناڪ ڏوهن ۾ قيد ڪاٽيندڙ محب علي ناريجو کي خيرپور سينٽرل جيل مان حاضريءَ لاءِ پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو فرار ڪرايل قيدي محب علي ناريجو قتل، ڌاڙن ۽ ڦرن جي مختلف ڪيسن ۾ گذريل هڪ سال کان سزا ڪاٽي رهيو هو، خطرناڪ قيديءَ جي فرار بعد پوليس ۾ ٿرٿلو متل آهي ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيرڳوٺ جي عدالت مان قيدي فرار ڪرائڻ لاءِ موٽرسائيڪلن تي سوار 8 کان 10 هٿياربندن حملو ڪيو هن چيو ته فرار ٿيل قيدي ۽ حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ 2 ٽيمون جوڙي اماڻيون ويون آهن، فرار ٿيل قيدي ۽ حملو ڪندڙن کي جلد سوگهو ڪنداسين ايس ايس پي خيرپور چيو ته قيديءَ جي فرار ۾ پوليس اهلڪارن جي ملوث هئڻ بابت به جاچ ڪري رهيا آهيون، زخمي ٿيل ٻن اهلڪارن کان به معلومات وٺي رهيا آهيون










