ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 ورهين جي ٻارڙي جي اغوا جو ڪيس نانو ناني جي خلاف داخل ڪرڻ جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي،سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي اڳيان 7ورهين جي ٻارڙي جي اغوا بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته ٻارڙي جي نانا ۽ ناني جو چوڻ آهي ته ٻارڙي دبئي ۾ ماءُ وٽ آهي، بارڙي جو پاسپورٽ ان والد وقار وٽ آهي، نانا سروس ۽ ناني شميم جي خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، حورين نالي ٻارڙي جنهن جي عمر 7سال آهي، 2 جولاءِ تي ڪورنگي مان لاپتا ٿي وئي هئي، ٻارڙي جي والد پنهنجي سهري ۽ سس جي خلاف الزام موڙهيو هو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته ايف ائي اي ٻارڙي حورين جي پاسپورٽ جي رپورٽ پيش ڪري، ٻارڙي کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ٻارڙي جي نانا ۽ ناني جي خلاف ڪيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي.










