صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهيءَ جا فيصلا ٿي رهيا آهن: زين شاهه

صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهيءَ جا فيصلا ٿي رهيا آهن: زين شاهه

ڄامشورو (ن س) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ کي بنجر بڻائڻ قبول ناهي. ڄامشوري ۾ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته اجلاس ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي وئي. هن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي بنجر ۽ باهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي ته ڪئنال ڇو پيا ٺاهيا وڃن. هن چيو ته پ پ جي سياست منافق تي ٻڌل آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڪنھن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، زرداري ۽ ان جي مافيا سنڌ کي هڪ سئو سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته صدر زرداري وٽ اختيار ئي ناهن جو هو ڪئنال ٺاهڻ جي ڳالھه ڪري، صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهي جا فيصلا ٿي رهيا آهن، جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو