19هين ترميم افتخار چوڌري بندوق جي زور تي پاس ڪرائي: ايمل ولي

19هين ترميم افتخار چوڌري بندوق جي زور تي پاس ڪرائي: ايمل ولي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صدر امل ولي خان چيو آهي ته 19هين ترميم اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري مسلم ليگ (ن) کي استعمال ڪندي بندوق جي زور تي پاس ڪرائي هئي.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي امل ولي خان چيو ته سياستدانن جون به ڪاريون رڍون آهن، هڪ ادارو ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري.امل ولي خان چيو ته آئيني عدالت چارٽر آف ڊيموڪريسي جو حصو هئي، اسان سڀني 18هين ترميم لاءِ ڪيترين ئي قربانيون ڏنيون، پر 19هين آئيني ترميم کي افتخار چوڌري بندوق جي زور تي مسلم ليگ ن جي زور تي منظور ڪرايو.هن چيو ته رٽائرڊ ججن ۽ ايڊهاڪ ججن کي نه ورتو وڃي پر هاءِ ڪورٽ مان سڌو وڪيل جج بڻجي وڃن، ڇا اهو درست آهي؟ سڀ کان وڏي غلطي اها آهي ته هاءِ ڪورٽ جو وڪيل سڌو سنئون جج بڻيل آهي، مون کي به خبر آهي، توهان کي به خبر آهي ته هي وڪيل جج ڪير ٺاهيندا آهن ۽ ڪنهن جي خدمت ڪندا آهن.صدر اي اين پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته 19هين آئيني ترميم کي ختم ڪيو ويندو، جيڪا آئيني ترميم هاڻي ڪئي پئي وڃي، ان کانپوءِ پارليامينٽ جج جي چونڊ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو