لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍيو ويو.جسٽس شمس محمود مرزا پرويز الاهي ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ان حوالي سان حڪومتي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر جي رپورٽ جي روشني ۾ درخواستون اڪلائي ڇڏيون ۽ راسخ الاهي ۽ زارا الاهي جا نالا اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيا.










