نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته غزه جهڙن سانحو حل ٿيڻ تائين پائيدار ترقي نه ٿي ٿي سگهي.گڏيل قومن جي مستقبل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مستقبل جو معاهدو 100 کان وڌيڪ ملڪن لاءِ عالمي مالياتي نظام ۾ ترقي ۽ سڌارن جو موقعو فراهم ڪري ٿو.پنهنجي خطاب ۾ خواجا آصف چيو ته هي معاهدو تڏهن ئي تبديلي آڻيندو جڏهن ان ۾ ڪيل واعدا پورا ٿيندا.هن چيو ته ترقي پذير ملڪن جي قرضن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، عالمي مالياتي ادارن ۾ ترقي پذير ملڪن جي نمائندگي کي بهتر بڻايو وڃي.بچاءَ واري وزير چيو ته ڊجيٽل ورهاست ختم ڪري فيئر ڊيٽا گورننس کي يقيني بڻايو وڃي، آرٽيفيشل انٽيليجنس کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي.










