اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني هڪ ڀيرو ٻيهر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان خلاف تعصب رکي ٿو، چيف جسٽس کي منهنجي ۽ پي ٽي آءِ بابت ڪنهن به ڪيس جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هاڻي غور ڪري ٿو سندس خلاف ذاتي حملي جو ريفرنس داخل ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڪيترن ئي موقعن تي عمران خان خلاف بيان ڏئي چڪي آهي.










