پريڪٽس ۽ پروسيجر ترميمي آرڊيننس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

پريڪٽس ۽ پروسيجر ترميمي آرڊيننس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف آرڊيننس ذريعي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ وفاق، سيڪريٽري ڪابينا ۽ سيڪريٽري پارلياماني معاملن کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي فيصلي ۾ آرڊيننس لاءِ 3 شرط رکيا هئا، هن وقت ملڪ ۾ ڪا به آفت يا ايمرجنسي ناهي، پارليامينٽ جي موجودگي باوجود آرڊيننس آڻڻ غير آئيني آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم بابت فيصلي ۾ چيف جسٽس ڪميٽي جوڙڻ جي استدعا ڪئي، چيف جسٽس لکيو ته ماسٽر آف دي روسٽر جو ڪردار ختم ڪيو وڃي، فيصلي جي موجودگيءَ ۾. سپريم ڪورٽ جي آرڊيننس ۾ ترميم نه ٿي ڪري سگهجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ترميم آرڊيننس بدران پارليامينٽ ۾ بحث کانپوءِ منظور ڪئي وڃي ها، سپريم ڪورٽ کي پنهنجو فيصلو ڪرڻو آهي، حڪومت جي مداخلت سان عدليه جي آزادي ختم ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو