ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آپريشنل مسئلن سبب اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ دبئي جون 8 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.فلائيٽ شيڊول موجب مختلف ايئرپورٽن تان 10 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون دير جو شڪار آهن.اسلام آباد کان ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ويندڙ خانگي ايئر لائن جون اڏامون اي آر 502، 503، 540 ۽ 541 منسوخ ڪيون ويون آهن.ملتان کان دبئي ويندڙ پي آءِ اي جون 2 اڏامون پي ڪي 221 ۽ 222 منسوخ ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه لاهور کان دبئي ويندڙ پي آءِ اي جون 2 اڏامون پي ڪي 203 ۽ 204 به منسوخ ڪيون ويون آهن.لاهور کان ڪراچي جي اڏام پي ڪي 304 8 ڪلاڪ دير سان رات 10 وڳي رواني ٿيندي.ڪراچي، جده، لاهور، لنڊن، اسلام آباد لاءِ اڏامون 1 ڪلاڪ دير سان هلي رهيون آهن.لاهور ۽ اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ نجي ايئر لائن جون 2 اڏامون هڪ کان ٻه ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.










