ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سان ناانصافيون برداشت نه ڪنداسين 91ع واري معاهدي تحت صوبن کي پاڻي جو حصو ملڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو لياري ۾ ڪراچي ويسٽ جي نئين چونڊيل باڊي جي آجياڻي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو نثار کهڙو چيو ته ڪارونجهر کي سنڌ جو قومي ورثو قرار ڏيڻ جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتيون برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته لياري پ پ جو قلعو آهي ۽ رهندو جيالن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڏسي خوشي ٿي رهي آهي پاڻي واري معاهدي تي اسان جو موقف چٽو آهي 91ع واري معاهدي تحت صوبن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي سنڌ ۾ ٻوڏ سبب لکين گهر ڊٿا انهن جي تعمير لأ سنڌ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي سندس چوڻ هو بلدياتي نظام بابت عوام جون شڪايتون آهن انهن کي دور ڪيون وينديون ڪراچي ۾ سنڌي وسندين سميت قديم وسندين کي پڪو ڪيو ويندو اوهان ووٽ ڏئي شهيدن جي جماعت تي اعتماد جو اظهار ڪيو اميد ته عوام جي اعتماد تي پورو لهنداسين جلسي کي پ پ ايم پي اي علي احمد جان شميم ممتاز تاج محمد ڪورائي عاشق حسين راڄپر مور گائنچو پنهل لاڙڪ علي اڪبر ڪاڇيلو اڪبر چانڊيو۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










