جيڪب آباد: (ن س) جيڪب آباد ۾ مبينا زيادتي جي شڪار پوليو ورڪر بابت سيشن جج پاران پاڻمرادو ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي، پوليس رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي رد ڪئي وئي.سيشن جج جي عدالت ۾ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران متاثر عورت کي پيش ڪيو ويو، عدالت پوليس رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي، ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جج ريمارڪس ڏنا ته ڊي سي ۽ ايس ايس پي پهرين ڏينهن بيان ڏنو ته پوليو ورڪر سان زيادتي ڪوشش ٿي، ڪيس رڳو چوري جو داخل ٿيو.ڪيس ۾ وڪيل جو چوڻ هو ته شڪ آهي ته مبينا زيادتي جي شڪار عورت جي جاءِ تي ٻيءَ کي پيش ڪيو ويو.عدالت وڪيلن جي شڪ واري استدعا کانپوءِ ڊي ايڇ او کان پوليو ورڪر جو 5 سالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.عدالت ٻڌڻي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊي ايڇ او ۽ پوليس کي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.










