ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪارساز روڊ تي ڪار سان ٽڪر ڪري پيءُ ۽ ڌيءَ کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي منشيات استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرقي ڪار حادثي ۾ جوابدارن خلاف منشيات استعمال ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ جا سبب لکت ۾ ٻڌايو ويندو.ان کان اڳ جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي به ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.










