اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي ممڪنه فوجي حراست ۽ ٽرائل خلاف درخواست تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني جي ممڪنه فوجي نظربندي ۽ ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي رجسٽرار آفيس کي درخواست تي نمبر لڳائڻ جي هدايت ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان 16 سيپٽمبر تائين وضاحت طلب ڪري ورتي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو آهي ته وزيرن پي ٽي آءِ باني جي فوجي ٽرائل جي ڌمڪي ڏني، پي ٽي آءِ جو باني سولين آهي، سولين جو فوجي ٽرائل درخواستگذار ۽ عدالت لاءِ پريشاني جو سبب آهي. درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان آيو آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته وفاق واضح موقف ڏئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي سومر تي عدالت کي واضح آگاهه ڪيو وڃي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواست آهي ته درخواست تي اعتراضن جو پهريون فيصلو ڪيو وڃي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيو آهيان. فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي، جواب ڏيو ته ڇا پي ٽي آءِ باني جي فوجي ٽرائل جو معاملو غور هيٺ آهي؟ جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته درخواست بي اثر ٿي ويندي، جيڪڏهن ڪجهه غور ڪيو ويو ته ڪيس جي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪنداسين.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










