ملڪ ۾ پيٽرول 12 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان

ملڪ ۾ پيٽرول 12 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب ملڪ ۾ پيٽرول 12 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.انڊسٽري ذريعن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ به 12 رپيا في ليٽر ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.حتمي قيمت جو تعين 12-14 سيپٽمبر جي عالمي مارڪيٽ جي اٿل پٿل جي بنياد تي ٿيڻ جو امڪان آهي.صنعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسن ۾ اضافو حتمي قيمت تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو