جيڪب آباد /ڪراچي (ويب ديسڪ)جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندڙ عورت سان مبينا طور زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي. جيڪب آباد جي ڳوٺ الله بخش جکراڻي ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندڙ ورڪر سان مبينا طور زيادتي جو واقعو پيش آيو، متاثر عورت کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن دپٽي ڪمشنر مظهور مري چيو ته عورت ورڪر سان زيادتي جي تصديق ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ ٿيندي. جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر جنسي ڏاڍائي مامري تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه ميڊيا تي آيل خبرن جو نوٽيس ورتو،ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته پوليو ورڪرن کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪن،پوليو ورڪرز جي تحفظ ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته فوري قدم کڻي مزدورن جي حفاظت کي يقيني بڻائي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جيڪب آباد جي گوڙ الله بخش جکراڻي ۾ عورت پوليو ورڪر سان زيادتي جو نوٽيس ورتو.وڏي وزير سنڌ جي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير جي ليڊي پوليو ورڪر کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،سنڌ جي وڏي وزير گرفتار جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پوليو ورڪر جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مقامي انتظاميا کي هدايت ڪئي










