پاڻي جي مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا ٺهراءُ پاس ڪري چڪا آهيون

پاڻي جي مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا ٺهراءُ پاس ڪري چڪا آهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 76هين ورسي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي اندروني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ متحد آهن.هن چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڻي جي مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي، هن سال معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، برساتن بابت مڪمل جائزو ورتو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ميئر وڌيڪ فنڊنگ لاءِ چيو آهي، فنڊ فراهم ڪيا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته هڪ چونڊيل وڏي وزير جي ڳالهين جي مذمت ڪرڻ ڪافي ناهي.ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، سردار شاهه، محمد علي ملڪاڻي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو