سنڌ ۾ منشيات جي تياري ۽ استعمال وارين شين تي پابندي

سنڌ ۾ منشيات جي تياري ۽ استعمال وارين شين تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت منشيات جي تياري ۽ کپت ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي،سنڌ حڪومت منشيات جي تياري ۽ کپت ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ڪمشنر ڪراچي حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ڪاٺي، ايڪريلڪ، شيشي، پٿر، پلاسٽڪ ۽ سيرامڪ جي پائيپس جي وڪري تي قلم 144 لاڳو، روچ ڪلپس، چلم، بونگس، ميريجوانا پائيپ ۽ ٻين شين جي وڪري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف واڳيل ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڪيس داخل ڪرڻ جا مجاز هوندا، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته اها پابندي سنڌ ۾ منشيات جي استعمال خلاف جاري اسان جي جنگ ۾ اهم قدم آهي، عوام ۽ خاص ڪري نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻندا رهنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو