ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس شهرين کي ڦر ڪندڙ جعلي پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ڪريم آباد ويجهو ڪارروائي ڪندي هڪ جعلي پوليس ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان پوليس جي جيڪٽ، هٿيار، پوليس ڪارڊ، شيلڊ ۽ پوليس جي نمبر پليٽ سان موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پوليس يونيفارم پائي شهرين کي ڦر ڪندا هئا.پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کان وارداتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جوابدارن خلاف گلبرگ ٿاڻي ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.










