رينجرز اهلڪار کي شهيد ڪندڙ لياري گينگ جو ڪمانڊر گرفتار

رينجرز اهلڪار کي شهيد ڪندڙ لياري گينگ جو ڪمانڊر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي رينجرز اهلڪار کي شهيد ڪندڙ لياري گينگ وار جي اهم ڪمانڊر کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب گرفتار جوابدار ماجد جو تعلق لياري گينگ وار جهنگو گروپ سان آهي.هن ٻڌايو ته جوابدار ۽ سندس ساٿين 2018ع ۾ رينجرز اهلڪار فواد حسين کي شهيد ڪيو هو.ايس ايس پي سٽي عارف عزيز اهو به ٻڌايو ته ان کان اڳ به جوابدار 10 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو