ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جو لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم يوم دفاع جي موقعي تي نشان حيدر راشد منہاس شهيد جي مزار تي سڀاڻي حاضري ڀريندي شهيد جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪندو. پنهنجي پيغام ۾ صوبائي صلاحڪار چيو ته 7 سيپٽمبر پاڪستان ايئر فورس جي شهيدن ۽ ويڙهاڪن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڊفيس ڏهاڙو سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ ملڪ خاطر جانين جو نذرانو ڏيندڙ شاهين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ايئر فورس جي شهيد پائلٽ راشد منهاس جي قبر تي حاضري ۽ سلامي پڻ ان ڏينهن جي تقريب جو حصو آهي. راشد منهاس اسان جو قومي هيرو آهي ۽ پاڪ فضائيه ملڪ جي سرحدن جي محافظ آهي










