ڪراچي ۾ برسات ۽ گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ برسات ۽ گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب، ٿرپارڪر ۾ ڪالهه کان هلڪي برسات شروع ٿي آهي ۽ سڀاڻي چوماسي جون هوائون حيدرآباد تائين پهچي وينديون. هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو سڀاڻي هلڪي يا وچولي وسڪاري جو امڪان آهي جڏهن ته ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي. سردار سرفراز چيو ته ايندڙ ڏينهن ڪراچي جي موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، سپٽيمبر ۾ گرمي پد هڪ ڊگري جو اضافو ٿيندو آهي جڏهن ته سپٽيمبر جو سراسري گرمي پد 33 ڏهائي 5 سينٽي گريڊ هوندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو