يونيورسٽيون پنهنجي آمدنيءَ مان خرچ پورا نٿيون ڪري سگهن

يونيورسٽيون پنهنجي آمدنيءَ مان خرچ پورا نٿيون ڪري سگهن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته اسان جي انرولمينٽ 50 هزار شاگردن جي آهي، يونيورسٽيون پنهنجي آمدني سان پنهنجا خرچ پورا نٿيون ڪري سگهن.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ميمبر هير سوهو ايوان ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته يونيورسٽي کي استعمال ٿيندڙ وفاقي گرانٽ جي بندش سان يونيورسٽين کي نقصان ٿيندو. وفاقي حڪومت گذريل بجيٽ ۾ يونيورسٽين جي فنڊنگ روڪڻ جو چيو هو.يونيورسٽيز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته وڏي وزير جي مداخلت تي بجيٽ ۾ رقم رکي وئي، وفاقي حڪومت کان مدد گهري پئي، هر سال خرچ وڌي رهيا آهن.هن جو چوڻ آهي ته اسان بجلي بدران سولر تي هلي رهيا آهيون، سولرائيزيشن پروجيڪٽ ٽينڊرنگ جي مرحلي ۾ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو