بلڙي شاھ ڪريم(ن س) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان جاڙا واھ اسٽاپ لڳ ڳوٺ انور مگڻهار ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻه معصوم ٻارڙا 6 سالن جو عادل احمد پٽ شڪيل مڱڻھار 7 سالن جو منظور علي پٽ الطاف مڱڻھار ٻڏي فوت ٿي ويا.ٻڏي ويل ٻارڙن کي وارثن پاڻي مان ڪڍي رول هليٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم پھچايو جتي ڊاڪٽرن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.جڏهن ته ٻنھي ٻارڙن جا لاش گهر پھچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. پوري ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول آهي ھر اک آلي آهي. بلڙِي شاهه ڪريم جي رهواسين موجب انتظاميا جي نااھلي جي ڪري برسات جو پاڻي ڳوٺ مان نيڪال نه ٿيڻ ڪري ٻارڙا فوت ٿيا آهن.










