ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا خميسو گوڙ ۾ سرچ آپريشن دوران پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 4 جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ڪارروائي دوران 2 شڪي ماڻهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي، سمورن جوابدارن کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.










