ڪراچي(پ ر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران شهر کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻ پوکڻ جي مهم جاري آهي ان سلسلي ۾ بينظير ڀٽو پارڪ کان آمريڪي قونصل خاني ۽ شون سرڪل کان مائي ڪولاچي تائين وڻ پوکڻ جي مهم جو انتظام واٽر ڪارپوريشن جي انتظاميا پاران ڪيو ويو مهم دوران ميئر ڪراچي جو سياسي معاملن بابت ترجمان ڪرم الله وقاصي ميمبر صوبائي اسيمبلي سعديه جاويد پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايس ٿري نظام الدين شيخ ۽ چيف انجنيئر اي اينڊ ايم سيوريج سيد سردار شاھ موجود هئا ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن پاران ٻوٽا پوکڻ مهم جي سلسلي ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا لڳايا ويا آهن ھن چيو پوکيل سمورن ٻوٽن جي سار سنڀال ۽ انھن کي پاڻي ڏيڻ جي ذميواري واٽر ڪارپوريشن جي آھي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو تہ وڻ پوکڻ واري مهم جو مقصد موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي ۽ اسان کي وڻ پوکي ڪري ڪراچي کي سرسبز ۽ پائدار شهر ۾ تبديل ڪرڻو آهي هن چيو تہ ٻوٽا لڳائڻ جو بنيادي مقصد ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ آلودگي کي گهٽائڻ آهي جڏهن تہ ڪراچي کي سرسبز ۽ وڌيڪ پائيدار شهر بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي هن چيو ٻوٽا پوکڻ جي مهم جو ڌيان انهن علائقن تي رکيو ويو آهي جتي آلودگي وڌيڪ آهي ۽ ساوڪ گهٽ آهي هن چيو تہ ٻوٽا لڳائڻ سان نه رڳو ڪراچي جي خوبصورتي ٿيندي پر موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ هوا جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ وڻ اسان جي شهر جا ڦڦڙا آهن ۽ اھيا اسان جي ذميواري آهي اسين سڀئي گڏجي ڪري سرسبز ميدانن جي حفاظت ڪريون ۽ انھن کي وڌايون هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ وڻ پوکڻ جي مهم ماحول جي تحفظ ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ اسان جي عزم جو واضح ثبوت آهي ميئر ڪراچي سمورن شهرين کي درخواست ڪندي چيو تہ شهري ڪراچي کي سرسبز شاداب ۽ صحتمند شهر بڻائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏين.










