ڪراچي: (نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات تباهي جا داستان ڇڏي وئي، ڪيترائي گهر ڪري پيا، فصل تباهه ٿي ويا، متاثرين کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويهڻ تي مجبور ٿي ويا.حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن مان پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، زميني رستا ڪاٽا ٿيڻ سبب دادو ۾ ماڻهن ٻيڙين جو سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.بدين ضلعي جا ڪيترائي علائقا اڃان تائين برسات جي پاڻي ۾ گهيريل آهن، مختلف پاڙن ۽ گهرن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي موجود آهي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ به ساڳئي صورتحال آهي جتي ماڻهو گهرن ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪڍي رهيا آهن.عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٽنڊوالهيار ۾ برسات متاثرين کليل آسمان هيٺ امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن، ٽنڊوآدم جي 50 ڳوٺن ۾ به ٻوڏ صورتحال سبب متاثرين سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڪيترن ئي هيٺاهين وارن علائقن ۾ اڃان تائين برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، اتان جا رهواسي چونڊيل نمائندن کي ڏوراپا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.دادو جي ندي نالن ۾ چاڙهه سبب ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ اڃان تائين پاڻي جي گهيري ۾ آهن، رابطي جا روڊ متاثر ٿيڻ سبب ماڻهن ٻيڙين تي سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.هوڏانهن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به برسات کان پوءِ ٻوڏ صورتحال آهي، نصيرآباد، گنداخه، جهل مگسي ۽ بولان ۾ ٻوڏ سبب درياءَ لهڙي، ناڙي بينڪ ۽ ربي ڪينال ۾ ٻوڏ وهڪرا گذري رهيا آهن. ربي ڪينال ۾ گهارو پوڻ سبب نصيرآباد جا علائقا منجهو شورو ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.اتر مٿانهين بلوچستان جي مختلف صلعن ۾ به تيز برسات سبب ٻوڏ جي صورتحال آهي، آبي وهڪرن سبب شيلا باغ جو تاريخي ريلوي ٽنل سخت متاثر ٿي ويو آهي. مختلف هنڌن تي رابطي جا روڊ ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويا آهن.










