ڪراچي(نمائندن وٽان ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جمع جي ڏينهن جيتوڻيڪ برسات جي شدت گهٽيل رهي پر شهر جي اڪثر هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري شهري سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته مختلف چوڪن چوراهن ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ جي ڪري ٽريفڪ به متاثر ٿيل آهي. اسلام آباد واري علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته لطيف آباد نمبر 8 ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي ڪري هڪ ڄڻو زخمي ٿيو شهر جي جن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي انهن ۾ ريلوي ڪالوني، اسٽيشن روڊ، گرونگر، فقير جو پڙ، ڪلاٿ مارڪيٽ، ميمڻ اسپتال چوڪ، مين قاسم آباد روڊ، حالي روڊ، مهر علي سوسائٽي، لطيف آباد نمبر 2، گئوشالا، لياقت ڪالوني، ڦليلي پار ڪڇي پاڙو، ٽنڊو ٺوڙهو، پريٽ آباد، نوراني بستي، سحرش نگر، لالو لاشاري، ماروي ٽائون، اسلاميه ڪالوني، حر ڪئمپ، ڀٽي چانڊيا ڳوٺ، لطيف آباد نمبر 3، لطيف آباد نمبر 7، مڪي شاهه، گلشن حالي، فتح چوڪ، حسين آباد چوڪ، فراز ولاز، سنڌ ميوزم جو سامهون وارو روڊ، اماني شاهه ڪالوني ۽ ممتاز ڪالوني سميت ٻيا اڪثر علائقا شامل آهن حيدرآباد ۾ بجلي جو بحران به گهٽجي ويو آهي پر ان جي باوجود واسا جي پمپنگ اسٽيشنن وٽان گهٽ مقدار ۾ پاڻي نيڪال ٿيڻ جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا پاڻي کان خالي نه ٿي سگهيا آهن. ميئر حيدرآباد ڪاشف شوري، برساتن بابت وڏي وزير جي فوڪل پرسن عبدالجبار خان، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پاڻي جي نيڪالي جي حوالي سان هدايتون ڏنيون ٻئي طرف اسلام آباد واري علائقي ۾ بجلي جي ٿنڀي تي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عباس چانڊيو فوت ٿي ويو. عباس چانڊيو حيسڪو جي عملي سان گڏجي بجلي ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. هو اسلام آباد جي اولڊ فيڊر جي هڪ ٽرانسفارمر تي چڙهي ڪنيڪشن ڳنڍي رهيو هو ته اوچتو بند ٿيل فيڊر کلي پيو جنهن سبب کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. بعد ۾ فيڊر بند ڪرائي سندس لاش ٿنڀي تان لاٿو ويو. فوتي ٽنڊي آغا واري علائقي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي هوڏانهن لطيف آباد نمبر 8 ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 26 سالن جو هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. قاسم آباد جي شورا ڳوٺ ۾ گذريل 4 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ جي ڪري شهري پريشان رهيا. شهر جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ به سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيا آهن جنهن جي ڪري بجلي بحال نه ٿي سگهي……….. بدين ۾ پنجن ڏينھن کان هلندڙ طوفاني برسات تباھي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچا گھر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويا پنجن ڏينھن کان بجلي بند هئڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي، کلي آسمان ھيٺ ويٺل ھزارين ماڻھن بکون ڪاٽڻ سبب بيمار ٿي ويا، رين ايمرجنسي لاءِ مقرر فوڪل پرسن دربار ھال ۾ ڪيل ھڪ ميٽنگ کانپوءِ گم ٿي ويو چونڊيل مقامي نمائنده گھرن کان ٻاهر نه نڪتا، شهر جي مختلف پاڙن جي رهوسين پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شاھنواز چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ٻئي پاسي پنجن ڏينھن کان ھلندڙ برسات سبب شھر جا ڪيترائي علائقا لغاري ڳوٺ، پير عالي شاھه ڪوٽ، پير ملوڪ شاھه ڪوٽ، مزدور ڪالوني، عابد ٽائون، علي ٽائون، اتفاق ڪالوني، غريب آباد، اڊيجا پاڙو، راھمان پاڙو، پوسٽ آفيس روڊ، قائدآباد، حاجي ھاشم خاصخيلي، چانديا، ڀانڊا پوري ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهن برسات متاثر شھرين رمضان انصاري، شاھنواز، اصغر علي جوڻيجو، سومار ملاح، اسلم ۽ ٻين دانھيندي چيو ته انتظامي عملدارن ٽينٽ، ترپال مڇردانيون، راشن ۽ ٻيو سامان پنھنجي پنھنجي علائقن ڏانھن موڪلي ڇڏيو آهي……………ٺٽي ۾ ھڪ پاسي تيز طوفاني برسات جاري آهي ته ٻئي پاسي اٿندڙ سامونڊي طوفان سامونڊي پٽي واسين تي خوف طاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جاري تيز طوفاني برساتن غريب پورھيتن جا ڪچا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا پر ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن پاران متاثرن جي هن مهل تائين ڪا به سار ناھي لڌي وئي ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جاري تيز طوفاني برساتن سبب تعلقي ٺٽي جي يوسي ڄنگھڙي جي ڳوٺ محمد امين شورو ۾ 5 پورھيتن شفيع محمد عرف شفو شورو، مٺو، عبدالمجيد، جمعون ۽ اقبال شورو جا گھر ڊاھي پٽ ڪرڻ سميت شفيع محمد شورو جي گھر جي ڀٽ ڪرڻ ڪري لکين روپين جي ماليت جي رکيل مشين پڻ ٽٽي ويئي جڏھن ته ڳوٺ حاجي الھه بخش شورو ۾ پڻ 5 کان وڌيڪ پورھيتن انور شورو، نم، نورو، شرفو، بشير شورو، حاجي اسد شورو ۽ ٻين جا گھر ڊھي پوڻ ڪري گھرن ۾ رکيل سمورو سامان ضايع ٿي ويو آھي، ٻئي طرف ڳوٺ قائم شورو جو رستو پڪو نه ھجڻ ڪري ڳوٺاڻا شھرن کان ڪٽجي ويا آھن، جن جا بيمار ماڻھون اسپتالن تائين به پھچي نٿا سگھن ھوڏانھن سمورا برسات متاثر برسات ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، جن جي ڪنھن به سار ناھي لڌي، برسات متاثر وڏيرو شفيع محمد عرف شفو شورو ۽ ٻين چيو آهي ته ھن واري برساتن وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي، سوين پورھيتن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جن جي يوسي چيئرمين سميت ڪير به سار لھڻ وارو ناھي ھنن چيو ته ھتان جا بي گھر ٿيل برسات متاثر انتھائي سخت مشڪلاتن ۾ زندگي پيا گذارين، يوسي چيئرمين رڳو پنھنجي من پسند ماڻھن کي نوازڻ ۾ پورو آھي، جنھن وٽ آيل سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان به پنھنجي ڳوٺ جي ماڻھن کي ڏيئي ڇڏيون آھن، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن گھر ڪئي ته برسات متاثرن جي پوئيواري ڪري ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏيئي برساتن کان بچائي کين گھر پڪا ڪري ڏياريا وڃن ٻئي طرف ٺٽي ويجھو فقير جي ڳوٺ واري شھر لڳ ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ ابوڙو جاکرو جي رھواسي ميرحسن عرف ميرل جاکرو جو گهر ڊھي پوڻ سميت پاڻ به گھر کي نقصان کان بچائيندي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف موسميات کاتي طرفان سامونڊي طوفان جي ڪيل اڳڪٿي بعد ضلعي ٺٽي جي سامونڊي علائقن ڪيٽي بندر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوائن جي گھلڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي، جڏھن ته برساتن جو سلسلو اڳ کان ئي جاري آھي، جنھن ڪري سامونڊي پٽي واسي سخت پريشان حال بڻيل آھن، پر انھن جي ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران هن مهل تائين ڪابه سار ناھي لڌي وئي جڏهن ته برسات متاثرن پاران وس وارن کان واھر جي اپيل ڪئي وئي آھي………….نيئن گاج ۾ وڌيڪ 15 فوٽ پاڻي پهتو، جنهن ڪري نئين گاج ۾ پاڻيءَ جي سطح 22 فوٽن تائين بلند ٿي ويئ آهي، جنهن ڪري ڪاڇي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جورابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي ان ڏس ۾ کيرٿر جابلوپٽي تي وسڪاري ۽ بلوچستان جو پاڻي داخل ٿيڻ کانپوءِ نئين گاج ۾ 15فوٽ پاڻي جو وھڪرو داخل ٿي ويو ۽ پاڻي ڪراس ڪندي ٻه پورھيت لڙھي ويا مقامي ٽوٻن جي مدد سان هڪ ڄڻي بادشاھ لاشاري کي بچايو ويو ڪمپني انتظاميه پاران ٻڌايو ويو ته روشن رند ۽ بادشاھ لاشاري گاج ڊيم ۾ مزدوري ڪندا آھن جيڪي نئين گاج کي ڪراس ڪري رھيا ھئا ته اوچتو پاڻي ۾ 16فوٽ واڌ ٿيڻ سبب ٻئي پورھيت لڙھي ويا جن مان شڪار پور واسي بادشاھ لاشاري کي بچايو ويو جڏھن ته عمر ڪوٽ ڇاڇرو واسي روشن رند جي ڳولا جاري هئي. لڙهي ويل مزدور جو 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو پتو نه پئجي سگهيو. ڳوٺاڻن موجب اسان جو ڇوڪرو ڊي بلوچ ڪمپني ۾ مزدوري ڪندو هو ڪمپني به اسان سان ڳولا ۾ ڪو به مدد نه پئي ڪري ۽ انکان علاوه دادو انتظاميه 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هن مهل تائين ڪنهن اسان سان رابطو ناهي ڪيو 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميه نوجوان جي ڳولا لاءِ ڪا مدد ناهي خبر ناهي نوجوان ڪٿي آهي جيئرو آهي يا نه ڳولا م مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن نئين گاج جي پاڻي ۾ 22 فٽن تائين چاڙھ ڪاڇي جي ھيٺانهين وارن علائقن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آھي ٻڌايو پيو وڃي ته يوسي ڊرگھ بالا سميت جوھي حاجي خان روڊ سميت ڪاڇي جا ڪيترائي رستا روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن سوين ڳوٺن جو جوهي ۽ دادو سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جڏھن ته نئين گاج ۾ 22فوٽ پاڻي وھي اچڻ بعد ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي ٻئي پاسي فريدآباد کير ٿر جبلن تي پيل برساتن بعد نئين دلان ٻوري سميت فريد آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن جون سموريون نيون پنجون ڀيرو وھي آيون، جنهن ڪري رستا بند ٿي ويا جابلو علائقي جي پھاڙن ۾ چوماسي جي برسات پوڻ بعد دلان، مزراڻي ،سگهرو،ٻوري،سالاري سميت 7 کان وڌيڪ علائقي جون نئيون پنجون ڀيرو تارو تار وھي آيون آهن.جڏهن ته شاھ گودڙيو، گڙتل روڊ نئين جي پاڻي ھيٺ اچڻ ڪري شاهه گودڙيو،موجھڙ،لنڊو پيراڇ، مينھون خان رند سميت 25 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو آهي. ميهڙ شهر ۽ آس پاس پاس وارن علائقن ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي سنڌ سرڪار پاران برسات بابت الرٽ جاري ٿيڻ باوجود ميونسپل ڪاميٽي، ٽائون ڪاميٽي ۽ بلدياتي ادارن توڙي تعلقي انتظاميه جي عملدارن جي لاپرواهي ، ڪوتاهي ۽ وزير آعلي سنڌ پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسن سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب چند منٽن جي برسات علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي شهر گندي پاڻي جي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي برسات سبب شهر جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ميهڙ جو مين روڊ ، ٻيٽو روڊ ، ٿيٻا روڊ ، ريشم گلي ، سبزي مارڪيٽ ، اناج بازار ، شاھي بازار سميت اڪثر بازارن ۽ خريداري مرڪزن ۾ پاڻي بيهڻ سبب ڪاروبار سخت متاٿر ٿي ويو آهي جڏهن ته شاهي بازار سميت مشهور واپاري مرڪزن ۾ پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب دڪاندارن جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي. جڏهن ته برسات سبب ميھڙ گرڊ اسٽيشن جا 10 فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري 6 ڪلاڪن تائين بجلي بحال نه ٿي سگھي برسات سبب ميھڙ جي ڪچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل ماروئڙن جي اھنجن ۾ به اضافو ٿي ويو آھي. گڙتل بنگلو، سانوڻ رند، مينھون خان رند سميت 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رستو ميھڙ فريدآباد وارھ سان ڪٽجي ويو آھي ھوڏانھن ميھڙ جي ڪچي واري علائقي ۾ دريائي پاڻي جي وھڪري سبب ڪچي جي چئن يونين ڪائونسلن نئون ڳوٺ ، مگسي ، مريد لاکير ۽ شاه پنجو سلطان جا 70 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ ھجڻ ۽ برسات دوران بندن تي ويٺل ماروئڙن جي اھنجن ۾ به اضافو ٿي ويو آھي ميھڙ مسلسل برساتن سبب سم شاخن کي به چاڙھ ٿي ويو. 10 کان وڌيڪ سم شاخن ۾ پاڻي جي چاڙھ ھجڻ ڪري مختلف ھنڌن تان ٽٽڻ جو خدشو وڌي ويو آھي ميهڙ جي شهرين ۽ علائقي واسين ايڊوڪيٽ سعيد پنھور ،جميل احمد ڀٽو، مسعود مدھوش ، رياض ڪلھوڙو ، غلام عباس ، فرحان احمد ۽ ٻين گھر ڪئي آھي ته بروقت تحرڪ نه وٺڻ سبب برسات شهرين لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي انتظاميه جي نااهلي سبب شهر ۾ پيل چند منٽن جي برسات به وڏو نقصان ڪيو آهي هنن گهر ڪئي آهي ته ميونسپل عملدارن جي نااهلي جو نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. ٻئي پاسي يونين ڪائونسلن واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان ڇني، ساوڙو، شاه حسن جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوهي ۽ دادو سان زمين رابطو ڪٽجي ويو آھي. ڇني جوهي، واهي پانڌي جوهي روڊ ،حاجي خان جوهي سميت ٻن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ڪاڇي جي ڳوٺ ٽمو چانڊيو، بهاول ٻٻر، ڄام ٻٻر ، شير محمد ٽالپر،ڇڊي سجاول آلکاڻي, ڪيچي شاهاڻي ، پنھون ٽڪري گولو فقير، پانڌي آلکاڻي، يار محمد لنڊ، عباس لنڊ، فتح بروهي، شفيع محمد لنڊ رانجهو ٻٻر ،موسو جمالي شهڪ رودناڻي، احمد برهماڻي ساوڙو بهليل شاهه، محمد حسن سرهيو سميت ڪيترائي 200 ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا گاج نئن ۽ ٻن نئن جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو. ڪاڇي جي ڳوٺن سيوو جمالي . ڪنڊو ٻٻر جانو جسڪاڻي مينهون چانڊيو . پريو جمالي محمد علي جمالي فضل جمالي ڄام ٻٻر بهاول ٻٻر ڇڊي رستماڻي شير محمد ٽالپر پٽ سليمان بکر شهيد مسو جمالي . موسيٰ جمالي . محمد بخش لنڊ . پيارو لنڊ . حافظ دلشاداڻي قاسم رودناڻي .شهڪ رودناڻي گولو فقير احمد رودناڻي علي مراد شاهاڻي . سونهارو شاهاڻي باگو شاهاڻي . ٺل بهليل شاھ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا ڄاڻايل ڳوٺن جا ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن. سندن قيمتي سامان اناج، هنڌ بسترا چوپايو مال پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن. جڏهن ٿه ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تازو پوکيل جوئر گوار ۽ ٻيل فصل پن لڙهي ويا……..گذريل ڏينهن هاڪڙي درياھ کي ڳوٺ نور شاھ وٽان لڳل گهارو وڌي ٻه سئو فٽ ٿي ويو، پاڻي تيزي سان آبادي طرف وڌي ڳوٺ اوڀايو چانڊيو ۾ داخل ٿي ويو ان ڏس ۾ رهواسين عبداللطيف چانڊيو، سڪندر چانڊيو، امجد ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته هاڪڙي درياھ کي لڳل گهاري کي ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن پاڻي ٻه سئو ايڪڙن تي بيٺل فصل کي ٻوڙي ڳوٺ اوڀايو چانڊيو سان ٽڪرائجي ويو آهي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت بچا بند ڏئي پاڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود آبپاشي عملي ۽ ضلعي ٿرپارڪر انتظاميا گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا هنن چيو ته آبپاشي عملدار گهاري کان ٻه ڪلوميٽر پري هاڪڙي جي بندن جو جائزو وٺي موٽي ويا گهاري واري هنڌ وڃڻ جي زحمت نہ ڪئي، نه ئي سان کي مشينري ڏني وئي آهي جنهن سان بند ٻڌي وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ کان بچائي سگهون هنن چيو ته هاڪڙي درياھ جا قدرتي وهڪرا بحال ڪرڻ بجاءِ هر سال اسان کي هٿ وٺي ٻوڙيو وڃي ٿو جنهن سان ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، هاڪڙي درياھ کي آرڊي 261 وٽان بند ڏنو ويو آهي جنهن کي نه هٽايو ويو ته هي علائقا هر سال ٻڏندا رهندا، انتظاميا جلد اپاءَ نه ورتا ته 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويندو ڊرينج انتظاميا پاران هاڪڙي درياھ جي بندن کي مضبوط ڪرڻ واريون دعوائون کوکليون نڪتيون، نالي ماتر بندن تي ڪم نه ٿيو جنهن جي ڪري هر سال ٻڏون ٿا، ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو انتظاميا اڃان به ڪي جوڳا اپا نه ورتا ۽ تڪڙن بنيادن تي مشينري نه موڪلي ته وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، هوڏانهن ايڪسيئن ڊرينج ضمير ڏيرو ميڊيا کي ٻڌايو ته هاڪڙي درياھ کي گهارو ناهي لڳو پاڻي بندن تان اورفلو ٿيو آهي جنهن کي بچا بند ڏيڻ لاءِ مشينري گهرائي آهي ڳوٺاڻان مدد ڪن جيئن بند ٻڌي سگهجي ……………مٽياري ضلعي ۾ 525 ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته 340 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ضلعي ۾درياهه۽واهن جي بندن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ باوجودهه ايريگيشن کاتي پاران صوبائي وزير کي بندن جي حالت بهتر هجڻ جي بريفنگ ڏني وئي ضلعي ۾ چئن ڏينهن کان جاري برسات سبب ضلعي ۾ تباهي مچي وئي آهي، سمورا فصل تباهه ٿي ويا آهن آبادگارن پاران ڊل آبيانو معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، بجلي اڻ لڀ ٿي وئي، ٻيلي کاتي پاران ڪچي ۾ ٻوڏ کانپوءِ چيچڪا ڇٽڻ به شروع ڪيا ويا آهن هوڏانهن صوبائي وزير رليف مخدوم محبوب الزمان پاران ضلعي جي بندن ۽ شهرن جا دورا ڪيا ويا ٻئي پاسي رليف وزير ضلعي جي اعلا سطحي اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي، جنهن ۾ کيس مختلف ادارن جي اڳواڻن پاران بريفنگ ڏني وئي جنهن بعد صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته سنڌ پاڪستان آهي، وفاقي حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي ڪري هلي رهي آهي، ضلعي ۾ برسات سبب سعيد آباد تعلقو متاثر ٿيو آهي هن چيو ته ضلعي جا سمورا سرڪاري ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، ضلعي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. برسات متاثرن جي فوري بحالي لاءِ انتظام ڪيا ويندا، رليف ڪمشنر کي خط لکي ضلعي کي ٻوڏ جو شڪار قرار ڏنو وڃي ضلعي ۾ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وفاقي حڪومت مان ڪا به سٺي اميد ناهي سنڌ ۾ واپڊا پاران لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت پريشان آهي وفاق آڏو احتجاج ڪري رهيا آهيون ته سنڌ کي ان جا حق ڏنا وڃن………………سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي ۽ وڏ ڦڙي سان برسات جاري آهي، برسات سبب سيپڪو طرفان شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي وسڪاري سبب شهر جا اهم ڪاروباري علائقا ريشم گلي، شاهي بازار، جيلس بازار، بندر روڊ، وڏي مڇي مارڪيٽ، پريس ڪلب پٺيان پير سرڪٽيو روڊ، سُڪ پل، مرتضيٰ هائوس روڊ، سول لائين ٿاڻي ٻاهران ڀينس ڪالوني، نظر محلا، ميروخان چوڪ، غازي عباس ڪالوني، معظم ڪالوني، نشتر روڊ، باقراڻي روڊ، ايمپائر روڊ، ممتاز ڪالوني، قطب ڪالوني، يار محمد ڪالوني، سهيل ڪالوني، الهه آباد، کوکر گهٽي سميت ٻيا ڪيترائي علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جتي برساتي پاڻي سان گڏ گٽرن جو گندو پاڻي اٿلڻ سبب ڄاڻايل علائقا تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن سنڌ حڪومت توڙي موسميات کاتي طرفان مون سون جي وسڪاري سبب اڳواٽ الرٽ جاري ڪري جوڳا انتظام ڪرڻ جي باوجود ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظاميه برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا، جنهن ڪري خلق خدا عذاب ۾ مبتلا آهي ان حوالي سان شهرين جو چوڻ هو ته انتظاميا ڪي به ڪم نه ڪيا آهن، برساتي پاڻي علائقن ۾ بيهڻ سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون، پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي…….جهڏو ۾ پراڻ ڍورو کي 316 بند وٽان 50 فوٽ گهارو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو، پراڻ ڍورو کي ديهه 316 ڳوٺ محمد علي وٽان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو گهاري بعد پراڻ جو پاڻي ڳوٺن ۽ جهڏو شهر طرف وڌڻ لڳو، ڳوٺاڻن موجب ته گهارو هٿرادو طور هنيو ويو آهي، ڪجهه شرپسندن پنهنجا علائقن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هٿ سان گهارو لڳايو آهي هوڏانهن ايل بي او ڊي عملدار ناصر جٽ ٻڌايو ته گهاري واري هنڌ پائيپ لڳل هو، گهارو بند ڪرڻ لاءِ انتظام ڪري ورتا آهن، جلد ئي گهارو بند ٿي ويندو واضح رهي ته 2022ع ۾ به ساڳي هنڌ گهارو لڳو هو جنهن سبب شهر جون درجنين ڪالونيون ۽ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا…………..ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪندڙ ايم اين وي ڊرين جي بندن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي بندن کي هنڌان هنڌان ڏار پيل آهن، جنهن ڪري پاڻيءَ جي دٻاءَ جي صورت ۾ گهارا پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ علائقو ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو، ايم اين وي ڊرين جي بندن کي 2022ع جي ٻوڏ دوران لڳل گهارا پڻ بند نه ٿي سگهيا آهن ڀان سيدآباد جي حدن ۾ 20 آر ڊيز تي مشتمل ايم اين وي ڊرين جي بند کي 14 مختلف هنڌن تي گهارا پيا هئا، جڏهن ته منڇر کي ڪٽ ڏنا ويا هئا، جنهن ڪري علائقي ۾ ٻوڏ آئي هئي ايم اين وي ڊرين جي بندن جي مضبوطي جو ڪم نه ٿيڻ سبب هڪ دفعو ٻيهر علائقي ۾ ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي هوڏانهن واپڊا اسڪارپ کاتي جي عملدارن طرفان ايم اين وي ڊرين جي بند تي هڪ طرف کان مٽي ڪڍي ٻئي طرف مٽي وجهڻ سبب بند انتهائي ڪمزور ٿي ويو آهي، ايم اين وي ڊرين جا بند ٽٽڻ جي صورت ۾ ڀان سيدآباد شهر سميت سيوهڻ تعلقي جي يوسيز واهڙ، جعفرآباد، يوسي شيخ، دادو جي يوسيز بوبڪ، آراضي، يوسي واهڙ ۽ دادو شهر ۽ ان جي يوسين خدا آباد، يار محمد ڪلهوڙو کي پڻ خطرو هوندو ان سلسلي ۾ مقامي رهواسين مولابخش ملاح، منظور حسين جمالي، شاهه محمد پنهور ۽ ٻين ٻڌايو ته ايم اين وي ڊرين جو بند سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتو اهو چئي مضبوط نه ٿا ڪن ته اها ذميواري وفاقي سرڪار جي آهي، هنن چيو ته ماڻهو 2022ع واري ٻوڏ جي نقصانن مان ئي نه نڪتا آهن ته مٿان وري ٻوڏ جي الرٽ ۽ بند جي ڪمزوريءَ اسان جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته ايم اين وي ڊرين جي بند جو هنگامي بنيادن تي پائدار ۽ مضبوطيءَ وارو ڪم ڪرائي اسان کي هڪ دفعو ٻيهر ٻڏڻ کان بچايو وڃي ٻئي پاسي منڇر ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه برقرار آهي، جنهن ڪري پاڻي جي سطح ساڍا 16 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن ۽ جابلو نئين جو پاڻي داخل ٿيڻ کانپوءِ اڙل هيڊ ريگيوليٽر ذريعي سنڌو درياءَ جو پاڻي به واڌارو اچڻ سبب منڇر ڍنڍ وارو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ بند آهي، جنهن ڪري ايشيا جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي رات دير تائين منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح.115.5 آر ايل يعني ساڍا 15 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي پر آبپاشي انتظاميا طرفان صورتحال مڪمل ضابطي هيٺ هجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي ٻوڏ جو خطرو هجڻ سبب ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن کي رِنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران ڄامشوري ضلعي اندر ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن جي ديوارن جو مرمتي ڪم ۽ چوڌاري مٽيءَ جو رِنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي واضح رهي ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ گرڊ اسٽيشن مڪمل طور ٻڏي وئي هئي، جنهن ڪري ڏيڏ مهينو بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي











