انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار، 187 پاسپورٽ هٿ

انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار، 187 پاسپورٽ هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ڊرائيونگ لائسنس آفيس جي ويجهو رات دير ڪارروائي ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي اختيارين موجب سيد محمد عباس، سيد محسن رضا، غلام عباس، راجا عامر ۽ خواجه ڪليم وٽان غير قانوني طور موجود مختلف ماڻهن جا 187 پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪيا ويا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار غير قانوني ٽريول ايجنسي جي آڙ ۾ شهرين کي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ ۾ ملوث آهن.هن چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو